Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ايماندار ماڻهن جي سچائي کين ڇڏايو وٺي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ئي بدنيتيءَ ۾ پاڻ ڦاسيو پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 سچن جي سچائي کين ڇڏائيندي: پر جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن سي خود پنهنجي ئي حرڪت ۾ ڦاسي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي جڏهن توهين مون کي ڏنل معاوضي جي چڪاس تي ايندا تہ منهنجي ايمانداري ظاهر ٿيندي. مون وٽ هر اها ٻڪري جا چٽڪمري يا دٻڪن واري نہ هوندي يا ڪو گھيٽو جيڪو ڪارو نہ هوندو سو چورايل سمجھيو ويندو.“


توهان منهنجي سڄي مال ملڪيت جي تلاشي ورتي آهي. ڇا اهڙي ڪا شيءِ لڌي اٿوَ جيڪا توهان جي گھر جي هجي؟ اها هتي پنهنجن ۽ منهنجي مائٽن جي اڳيان رکو تہ هي اسان ٻنهي جي وچ ۾ فيصلو ڪن.


بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.


اي خداوند! بيشڪ تو سچو انصاف ڪري پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪا کڏ غير قوم وارن ٻين لاءِ کوٽي هئي، تنهن ۾ اهي پاڻ ئي ڪري پيا آهن. هنن جيڪا ڪوڙڪي ٻين لاءِ اڏي هئي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. هائو، جيڪي بہ بڇڙا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ئي ڪمن ۾ ڦاٿل آهن.


جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو رکي سو پنهنجي بڪواس سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي برباد ٿو ڪري، مگر سچار ماڻهو ڏاهپ وارين ڳالهين سان پنهنجي پاڙيسريءَ جي حفاظت ٿو ڪري.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


جيڪو کڏ کوٽي ٿو سو انهيءَ ۾ ڪري سگھي ٿو. جيڪو لوڙهي کي پَٽي ٿو تنهن کي نانگ ڏنگي سگھي ٿو.


پوءِ بني اسرائيل جي ماڻهن بني بنيامين تي موٽ ڪئي ۽ بني بنيامين جون متيون ئي منجھي ويون، ڇاڪاڻ تہ ڏٺائون تہ مصيبت اچي مٿن ڪڙڪي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ