Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:30 - Muslim Sindhi Bible

30 جيئن چڱا ميوا ڦلدار وڻ مان ملندا آهن، تيئن نيڪ ماڻهن جا عمل زندگي بخشين ٿا، مگر بڇڙائي حياتيون برباد ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:30
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.


بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ واري ڪمائي ٿا کائين، مگر سچار ماڻهو پاڻ اونهي پاڙ واري ڦلدار وڻ مثل آهن.


سچو شاهد ماڻهوءَ جي زندگي بچائي ٿو، مگر ڪوڙو شاهد دغابازي ٿو ڪري.


مهربانيءَ وارا لفظ حياتي بچائيندڙ دوا مثل آهن. مگر ٺڳيءَ واريون ڳالهيون دل کي ٽوڙيو ڇڏين.


جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن.


ڏاها ماڻهو آسمان جي نور جيان چمڪندا، جن جي ڪوشش سان گھڻا ئي سچائيءَ جي پاسي آيا هوندا. اهي ڏاها ماڻهو هميشہ هميشہ لاءِ تارن وانگر پيا چمڪندا.


عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“


ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.


ڀلا، اسان جي خداوند عيسيٰ جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس حضور ۾ حاضر هوندا؟


تڏهن اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ اهو جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان موٽائي راهہ تي ٿو آڻي، سو هن کي موت کان بچائيندو ۽ سندس گھڻن گناهن جي معافيءَ جو سبب بڻبو.


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ