Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سچارن جي سچائي سندن رهنمائي ڪري ٿي، مگر دغابازن جي دغا ئي کين برباد ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ دل جي سچائيءَ سان تنهنجي تابعداري ٿو ڪريان، اي خداوند! مون کي تنهنجو ئي آسرو آهي، تہ تون مون کي بچائيندين.


اي خداوند! مون کي سچار قرار ڏي، ڇوجو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان. تو خداوند تي مون ڀروسو رکيو آهي، ۽ ان ۾ آءٌ ڪين ٿاٻڙيو آهيان.


نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن.


نيڪ انسان سچائيءَ جي ڪري محفوظ رهندا، مگر گنهگار انسان بدڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويندا.


ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.


پر جيڪڏهن اوهين بدڪار ۽ دغاباز هوندا تہ اوهان جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪو حق نہ رهندو ۽ بيڪار ٻوٽن جيان اوهان کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو.


بدڪارن جو ظلم ئي کين برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڌي رستي تي هلڻ کان انڪار ٿا ڪن.


خداوند هر سچ جي حفاظت ٿو ڪري، مگر هو ڪوڙ ۽ دغابازيءَ کي رد ڪريو ڇڏي.


جيڪو سنئين راهہ تي هلي ٿو سو بچي ويندو، مگر جيڪو ڏنگي راهہ اختيار ٿو ڪري، سو اوچتو ئي اوچتو وڃي کڏ ۾ ڪرندو.


ساڳيءَ طرح اوهين حد کان وڌيڪ بدڪار ۽ بي‌عقل بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. ائين ڪرڻ سان اوهين وقت کان اڳي مري ويندا.


پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ