Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:25 - Muslim Sindhi Bible

25 بيشڪ جيڪو ٻين کي سخاوت سان ٿو ڏئي، سو خوشحال رهندو، ۽ جيڪو ٻين جي مدد ٿو ڪري، تنهن جي مدد ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي پاڻ سان کٽولا، پيالا ۽ ٺڪر جا ٿانوَ کڻي آيا، ۽ دائود ۽ سندس ماڻهن جي کائڻ لاءِ ڪڻڪ، جَوَ، اٽو، ستون، چونرا، داليون، ڀُڳڙا، ماکي، ڏهي، پنير ۽ ڪجھہ رڍون بہ کڻي آيا. انهيءَ سبب جو هنن ڄاتو ٿي تہ دائود ۽ سندس ماڻهو بيابان ۾ بکايل، اڃايل ۽ ٿڪل آهن.


ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي سو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو، مگر جيڪو سندن ضرورتن کان چشم‌پوشي ٿو ڪري، تنهن تي گھڻي ملامت ڪئي ويندي.


اوهين ائين ڪندا تہ اوهان جا گدام اناج سان ڀريل رهندا ۽ اوهان جا مٽ انگورن جي مئي سان ٽمٽار هوندا.


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن تي رحم ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ