Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عزرياہ سردار ڪاهن جيڪو صدوق جي گھراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”جڏهن کان ماڻهن خداوند جي گھر ۾ پنهنجا نذرانا آڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان وٺي اسان جھجھو ئي پئي کاڌو پيتو آهي ۽ گھڻو ڪجھہ بچي بہ پيو آهي. جيئن تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي برڪت ڏني آهي، سو کاڌي کان پوءِ بہ هيترو سارو بچيو پيو آهي.“


هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو.


سچارن جي خواهش جو نتيجو ڀلائي آهي، مگر بدڪارن جي خواهش جو نتيجو خدا جو غضب آهي.


بيشڪ جيڪو ٻين کي سخاوت سان ٿو ڏئي، سو خوشحال رهندو، ۽ جيڪو ٻين جي مدد ٿو ڪري، تنهن جي مدد ڪئي ويندي.


ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تہ بہ هو پاڻ کي دولتمند ٿو سڏائي. مگر ڪنهن وٽ تہ بي‌انداز دولت آهي، تہ بہ پاڻ کي غريب ٿو چوي.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي سو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو، مگر جيڪو سندن ضرورتن کان چشم‌پوشي ٿو ڪري، تنهن تي گھڻي ملامت ڪئي ويندي.


خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.


صبح توڙي شام پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن مان ڪهڙو داڻو ڦٽي نڪرندو، ڪجھہ داڻا يا سمورو ٻج ڦٽي نڪرندو.


اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.


ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو.


ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


اوهين هن کي فراخدليءَ سان ڏجو ۽ ڏيڻ وقت دل ۾ ڪُرڪجو نہ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏيڻ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۽ انهن سڀني معاملن ۾، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا، اوهان کي برڪت ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ