23 سچارن جي خواهش جو نتيجو ڀلائي آهي، مگر بدڪارن جي خواهش جو نتيجو خدا جو غضب آهي.
23 سچي جي خواهش رڳي نيڪي آهي: پر شرير جي اميد غضب آهي.
اي خداوند! تون نماڻن جون التجائون ٻڌين ٿو، ۽ ٻڌندو رهندين. تون ئي انهن جون دليون پختيون ڪندين.
سو مون دل وَ جان سان تنهنجي طلب ڪئي آهي. اي خداوند! تون مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏجانءِ.
شال منهنجي چال چلت اهڙي ثابت قدم هجي، جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن قانونن تي عمل ڪريان!
آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.
خداوند جي حضور مان اوهين پنهنجي خوشي حاصل ڪريو، اهو ئي اوهان جي دل جون مُرادون پوريون ڪندو.
سچارن جي اميد پوري ٿيڻ سان کين خوشي عطا ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي اميد ڪڏهن بہ پوري نہ ٿي ٿئي.
ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.
بدڪار ماڻهوءَ جو موت، ساڻس گڏ سڀ اميدون خاڪ ۾ ملايو ڇڏي، خاص طور اهي اميدون جيڪي کيس دولتمنديءَ ۾ آهن.
ايماندار ماڻهوءَ جو ارادو ٻين جي لاءِ نيڪ هوندو آهي، مگر بدڪار ماڻهو ٻين جي لاءِ برو سوچيندو آهي.
نيڪ ماڻهو پنهنجي سچائيءَ جي ڳالهين جو ڦل کائين ٿا، مگر دغاباز ماڻهو ٻين تي ظلم ڪرڻ سان بہ نہ ٿا ڀرجن.
سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.
پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.
سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.