Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:20 - Muslim Sindhi Bible

20 بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙن کان خداوند نفرت ٿو ڪري، مگر جيڪي نيڪيءَ جي رستي تي ٿا هلن، تن سان هو پيار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون دلين کي جاچيندو آهين ۽ سچائيءَ مان خوش ٿيندو آهين. هي سڀ شيون مون رضا خوشيءَ سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏنيون آهن. هاڻ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ تنهنجي قوم، جيڪا هتي حاضر آهي تنهن ڪيئن نہ تنهنجي حضور ۾ رضا خوشيءَ سان نذرانا آندا آهن.


آءٌ ڪنهن سان ٺڳي نہ ڪندس، نڪي برائيءَ جي ڪنهن بہ ڪم کي ويجھو ويندس.


جيئن تہ خداوند سچو آهي، تنهنڪري هو نيڪ عملن کي پسند ڪري ٿو. سو جيڪي سچا ماڻهو هوندا، سي ئي سندس حضور ۾ حاضر رهندا.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن، جيڪي پوريءَ طرح سچ جي راهہ تي هلن ٿا، هائو، اهي ئي جيڪي خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


بيشڪ سچار ماڻهو تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندا، ۽ تنهنجي حضور ۾ پيا رهندا.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.


ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جنهن جي قول وَ فعل ۾ ڪو فرق ناهي، تنهن کان هو خوش ٿو ٿئي.


نيڪ انسان سچائيءَ جي ڪري محفوظ رهندا، مگر گنهگار انسان بدڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويندا.


بي‌عقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي.


بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري.


بدڪار ماڻهو پنهنجي رستي تي بضد ٿو رهي، مگر سچار ماڻهو سوچي سمجھي قدم کڻي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ ڏنگي ماڻهوءَ کان خداوند کي نفرت آهي. پر سچارن کي هو پنهنجو گھاٽو دوست رکي ٿو.


اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.


خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.


جيڪڏهن اوهين هٺيلي ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي تنبيهہ ڪري سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا، تہ اوهان کي موٽ ۾ ذلت ۽ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ