Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سچائيءَ تي قائم رهڻ وارو زندگي حاصل ٿو ڪري، مگر بڇڙائيءَ جي راهہ تي هلڻ وارو خود پنهنجي موت کي ٿو ويجھو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 جيڪو سچائيءَ تي پڪو آهي سو حياتي حاصل ڪندو: ۽ جيڪو برائيءَ جي پٺيان ٿو لڳي سو خود پنهنجي موت لاءِ ائين ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“


تنهنڪري هاڻي بادشاهہ کي وڃي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ جنهن کٽ تي بادشاهہ پيو آهي تنهن تان وري هيٺ نہ لهندو، هو ضرور مرندو.‘“ سو الياس اُٿي روانو ٿيو.


نيڪيءَ سان گذارڻ جو انعام بهتر زندگي آهي، مگر بڇڙائيءَ سان گذارڻ جو انعام وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيڻ آهي.


خدا جي سزا کان دولت نہ بچائي سگھندي، مگر ايمانداري ئي بچائي سگھندي.


سچائيءَ ۾ زندگي آهي، مگر بدڪاريءَ ۾ موت آهي.


خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو. بلڪ خداترس ماڻهو هميشہ آرام سان سمهن ٿا، ۽ هر برائيءَ کان محفوظ رهن ٿا.


جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي.


سچار ۽ رحمدل ماڻهو نيڪي، عزت ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيندا آهن.


پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“


بلڪ جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


اوهين هميشہ حق جي ئي پيروي ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن جا وارث ٿيو.


تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ