Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 چغلخور تي رازداريءَ جو ڀروسو نہ ٿو ڪري سگھجي، مگر جيڪو ايماندار ماڻهو آهي سو ئي رازدار ٿي سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.


اهو ماڻهو بي‌عقل آهي، جيڪو ٻين بابت گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي، مگر سمجھہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ ٿو گذاري.


سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.


ايماندار شاهد سچ ٿو ڳالهائي، مگر بي‌ايمان شاهد ڪوڙ ئي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.


غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي.


چغلخور ماڻهو راز کي راز ۾ رهڻ نہ ٿو ڏئي، تنهنڪري اهڙي بڪواسي ماڻهوءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.


جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن ٻئي سان ڪو معاملو آهي، تہ اهو پاڻ ۾ ويهي نبيريو، پر انهيءَ معاملي جو راز ڪنهن ٽئين سان نہ سليو.


سو جڏهن سمورا عملدار واقعي مون وٽ آيا ۽ مون کان پڇا ڳاڇا ڪيائون، تڏهن مون کين اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو، جيڪو بادشاهہ مون کي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو. سو هنن مون کي وڌيڪ ڪي بہ ڪين چيو، ڇو تہ بادشاهہ سان ٿيل منهنجو گفتگو ڪنهن بہ نہ ٻڌو هو.


اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.


انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.


تڏهن انهن وراڻيس تہ ”شل خدا اسان جي جان وٺي جيڪڏهن اسين ائين نہ ڪريون جيئن چئون ٿا. جيڪڏهن تون اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ پوءِ جڏهن خداوند اسان کي هي ملڪ ڏيندو تڏهن اسين تو سان مهربان ۽ وفادار رهنداسين.“


پر جيڪڏهن تو اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي تہ پوءِ جيڪو واعدو تو اسان کان ورتو آهي تنهن کان اسين آجا رهنداسين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ