Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:7 - Muslim Sindhi Bible

7 نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


حزقياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس ان ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو جتي دائود جي اولاد جا مقبرا آهن. يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کيس سندس مرڻ مهل تعظيم ڏني. سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


دنيا مان هنن جي يادگيري مِٽائي ويندي، سندن ڪو نالو نشان بہ نہ رهندو.


دنيا مان سندن نالو نشان بہ ختم ٿيو وڃي، ايتري قدر جو پيٽان ڄڻيندڙ ماءُ بہ کين وساري ڇڏي ٿي. ڪينئان کين کائي چٽ ڪن ٿا، هائو، کين وڻ وانگر پٽي ڪيرائي برباد ڪيو وڃي ٿو.


پر اهو وڌيڪ غضبناڪ ٿي سندن پٺيان پوندو، ۽ زوڪاٽ ڪندي کين پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندو.“


شال انهيءَ جو نسل بلڪل ئي ختم ٿي وڃي! شال ايندڙ پيڙهيءَ ۾ سندس نالو نشان بہ نہ هجي!


شال سندن گناهہ هر وقت خداوند جي نظر ۾ رهن، بلڪ هو هن ڌرتيءَ تان سندن يادگيريون ئي مِٽائي ڇڏي!


انهن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو، بلڪ انهن سچارن جي ياد هميشہ تائين رهندي.


خداوند هر بدڪار جو مخالف آهي، تان‌تہ انهن جي يادگيريءَ کي ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي ڇڏي.


جڏهن خداوند جا تابعدار کيس مدد لاءِ پڪارين ٿا، تڏهن هو سندن ٻڌي ٿو، ۽ سڀني تڪليفن کان کين ڇڏائي ٿو وٺي.


منهنجا دشمن ساڙ منجھان مون لاءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ ”ڪڏهن هن تي موت ايندو، ۽ ڪڏهن سندس نالو ميٽجي ويندو؟“


نيڪ نامي بي‌انتها خزاني کان، هائو، عزت سون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي.


انهيءَ کان سواءِ مون ڏٺو آهي تہ بدڪار ماڻهو هيڪل ۾ ايندا ويندا ٿا رهن ۽ مرڻ کان پوءِ وڏي مان مرتبي سان دفن ڪيا ٿا وڃن، جڏهن تہ نيڪ ماڻهو بلڪل وساريا ٿا وڃن. اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل وارن جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندس ۽ سندن نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ ننڍو هجي توڙي وڏو منجھس ڪوبہ باقي جيئرو نہ رهندو.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“


بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس ٻانهيءَ تي پنهنجي مِهر جي نظر ڪئي آهي. سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون مون کي سڀاڳي سڏينديون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ