Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:32 - Muslim Sindhi Bible

32 سچار ماڻهو صحيح ڳالهہ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مگر بدڪار ماڻهوءَ کي صحيح ڳالهہ ڪرڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سچن جا چپ ڄاڻن ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ قبول پوڻ جهڙي آهي: پر شريرن جي وات مان بيهودي بڪ نڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچارن کي جڏهن خدا برڪت ڏئي ٿو تہ شهر جي ترقي ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي ڳالهين جي ڪري اهو شهر برباد ٿيو وڃي.


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


بدڪارن جون ڳالهيون ڦندي ۾ ڦاسائڻ مثل آهن، مگر سچارن جون ڳالهيون ڇڏائڻ جو وسيلو ٿيون بڻجن.


جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بي‌عقلن جي وات مان بي‌وقوفي وهيو نڪري.


سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن.


۽ اوهان کي برن ڪمن کان روڪيندي. هائو، اها اوهان کي انهن ماڻهن کان دور رکندي، جيڪي اوهان کي برغلائي اوهان لاءِ مشڪلاتون کڙيون ڪن ٿا.


ڪوڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ وات مان نہ ڪڍجو، نڪي ٺڳيءَ واريون ڳالهيون پنهنجي چپن تي آڻجو.


خبيث ۽ بدڪار ماڻهو هر هنڌ ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وتن.


ڏاهو ماڻهو جيڪي ڳالهائي ٿو، تنهن سان هو عزت ٿو حاصل ڪري. پر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي ڳالهائڻ سان پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھيو ڇڏي.


انهيءَ ڏاهي انهن ڳالهين کي سٺي انداز ۽ بلڪل درست نموني ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ