30 سچارن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو، مگر بدڪارن جو ملڪ ۾ نالو نشان بہ نہ رهندو.
30 سچا ڪڏهن بہ چوريا نہ ويندا: پر شرير ملڪ ۾ ڪڏهن بہ نہ رهندا.
سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.
انهن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو، بلڪ انهن سچارن جي ياد هميشہ تائين رهندي.
جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.
هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بيڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.
آءٌ هميشہ تو کي ئي پنهنجي آڏو رکان ٿو. جيئن تہ تون مون سان گڏ آهين، سو مون کي ڪو لوڏو ڪونہ ايندو.
خداوند جن کي برڪت ٿو ڏئي سي ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ جن تي هو لعنت ٿو ڪري سي برباد ٿي ويندا.
تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.
مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا.
انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“