3 خداوند سچارن کي ڪڏهن بکيو نہ ٿو رکي، مگر بدڪارن جي خواهش کي پورو نہ ٿو ڪري.
3 خداوند سچن جي روح کي بک مرڻ، نہ ڏيندو: پر هو شريرن جي خواهش برباد ڪيو ڇڏي.
خدا جي غضب واري ٻوڏ ۾ سندن گھر جي برڪت ۽ سندن مالمتاع لڙهي ويندو.
ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو.
پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.
پوءِ جڏهن بڇڙا ماڻهو اهو ڏسندا تہ ساڙ کائيندي ۽ ڏند ڪرٽيندي ڪمزوريءَ ۾ وڌندا ويندا. هائو، سندن سڀ تمنائون نابود ٿي وينديون.
هائو، اهو خداوند ئي آهي، جيڪو موت کان بہ کين بچايو وٺي، ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ کين جيئرو ٿو رکي.
اهي خراب وقتن ۾ بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڏسندا، بلڪ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ سدائين ڍاول رهندا.
مون پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پوڙهي ٿيڻ تائين ڪڏهن بہ سچار ماڻهن کي وساريل ڪين ڏٺو آهي، نڪي سندن اولاد کي مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پنندو ڏٺو اٿم.
اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تانتہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.
سچار ماڻهو جيترو بہ کائي ٿو تہ سندس ڍءُ ٿيو وڃي، جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڪيترو بہ کائي پر سدائين بکيو ٿو رهي.
بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.
لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.
جيڪو خدا جي شريعت جي نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي دعائن گھرڻ کان خدا نفرت ٿو ڪري.
پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.
مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“
سو اوهين پهريائين خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“