Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:27 - Muslim Sindhi Bible

27 خداوند جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو، مگر بدڪار جي حياتيءَ جا ڏينهن گھٽجي ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو: پر شرير جا ورهيہ گهٽايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:27
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


آءٌ کين وڏي ڄمار عطا ڪندس، ۽ هو ڏسندا تہ مون کي بچائڻ جي ڪيڏي نہ قدرت آهي.“


جنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڪيڏو نہ سچار آهي، هائو، منهنجي انهيءَ محافظ ۾ ڪابہ خامي ڪانهي.


خداوند جو خوف حياتي ڏيندڙ چشمو آهي، جنهن ڪري ماڻهو موت جي ڦندي کان بچي وڃي ٿو.


جيڪو سنئين راهہ تي هلي ٿو سو بچي ويندو، مگر جيڪو ڏنگي راهہ اختيار ٿو ڪري، سو اوچتو ئي اوچتو وڃي کڏ ۾ ڪرندو.


ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.


اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.


آءٌ ڏاهپ آهيان، جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪندا تہ وڏي حياتي ماڻيندا.


ساڳيءَ طرح اوهين حد کان وڌيڪ بدڪار ۽ بي‌عقل بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. ائين ڪرڻ سان اوهين وقت کان اڳي مري ويندا.


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


پر خدا چيس تہ ’اي بي‌وقوف! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


ان سان گڏ انهيءَ ملڪ ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو ملڪ هو انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، جنهن ۾ خوشحالي ۽ آسودگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ