14 عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بيعقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.
14 ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.
هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،
جيڪو حقيقت کي لڪائي ٿو، سو ٻين لاءِ تڪليف جو باعث ٿو بڻجي، مگر جيڪو کُليو کُلايو سچ ٿو چئي ڏئي، سو ٻين لاءِ سلامتيءَ جو سبب ٿو بڻجي.
ڏاها ماڻهو سٺي صلاح ٻڌي اها مڃين ٿا، مگر بڪواسي بيوقوف ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏين.
سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بيوقوف ماڻهو پنهنجي بيعقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.
جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.
بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙ کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي، ۽ ڪوڙو ماڻهو مصيبت ۾ ڦاسيو وڃي.
ميل ميلاپ نہ رکندڙ ماڻهو رڳو پنهنجي خواهشن لاءِ سوچي ٿو، بلڪ اهو هر انهيءَ ڳالهہ کي ڌڪاري ٿو، جيڪا عام سمجھہ واري ڳالهہ آهي.
سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.
بيوقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.
جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
جيڪو پنهنجيءَ زبان تي ضابطو رکي ٿو، سو گھڻين ئي تڪليفن کان بچيو وڃي.
اوهين ڏاهي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندا تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو. سچي ماڻهوءَ کي سيکاريندا تہ سندس ڄاڻ اڃا وڌيڪ ٿيندي.
ڏاهو ماڻهو جيڪي ڳالهائي ٿو، تنهن سان هو عزت ٿو حاصل ڪري. پر بيعقل ماڻهو پنهنجي ڳالهائڻ سان پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھيو ڇڏي.
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.
”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.
تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ شريعت جو عالم آسمان جي بادشاهيءَ جو شاگرد ٿئي ٿو، سو پنهنجي علم مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“