Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:12 - Muslim Sindhi Bible

12 نفرت جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿي ڪري، مگر محبت سڀني خطائن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.


بدڪار ماڻهو ٻين لاءِ کڏون ٿا کوٽين. هائو، سندن لفظ ڀڙڪندڙ باهہ مثل آهن.


جيڪي دوست جو قصور معاف ٿا ڪن، سي محبت وڌائين ٿا. پر جيڪي قصور جي شڪايت بار بار پيا ڪن، سي پنهنجي گھاٽي دوست کي بہ پاڻ کان جدا ڪيو ڇڏين.


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.


جيڪڏهن کير ولوڙيو ويندو تہ مکڻ حاصل ٿيندو، جيڪڏهن نڪ مروڙيو ويندو تہ انهيءَ مان رت نڪرندو. ساڳي نموني غصو ڀڙڪائڻ سان جھيڙو فساد ئي پيدا ٿيندو.


اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟


تڏهن اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ اهو جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان موٽائي راهہ تي ٿو آڻي، سو هن کي موت کان بچائيندو ۽ سندس گھڻن گناهن جي معافيءَ جو سبب بڻبو.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ