11 سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ حياتيءَ جو چشمو آهي، مگر بدڪارن جي ڳالهين ۾ بڇڙائي سمايل آهي.
11 سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.
سچار اهو ڏسي خوش ٿا ٿين، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي وڃي ٿو.
سچار ماڻهو صحيح ڳالهہ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مگر بدڪار ماڻهوءَ کي صحيح ڳالهہ ڪرڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي.
سچار ماڻهوءَ جي هر ڪو واکاڻ ٿو ڪري. بدڪار بہ پنهنجي زبان سان تہ سندس واکاڻ ڪن ٿا، پر سندن دل ۾ بڇڙائي آهي.
جيئن چشمي مان پاڻي ٿو حاصل ٿئي، تيئن ڏاهي ماڻهوءَ جي نصيحت مان زندگي حاصل ٿئي ٿي. هائو، انهيءَ جي وسيلي ماڻهو موت جي ڦندن کان بچي ٿو وڃي.
مهربانيءَ وارا لفظ حياتي بچائيندڙ دوا مثل آهن. مگر ٺڳيءَ واريون ڳالهيون دل کي ٽوڙيو ڇڏين.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
ڪن ماڻهن جون ڳالهيون ڏاهپ واريون ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جيان اونهيون ۽ وهندڙ نديءَ جيان تازيون هونديون آهن.
بيشڪ سون ۽ هيرا جواهر قيمتي آهن، مگر ڏاهپ واريون ڳالهيون انهن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن.
اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.