Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌ، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ٻارؤ! اوهين بڇڙن جي ڳالهين تي نہ هلو، توڙي جو اهي اوهان کي هرکائڻ لاءِ چون تہ


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين اهڙي قسم جي ماڻهن سان وڃي شامل نہ ٿجو، بلڪ انهن کان پري رهجو.


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ جيڪي ڳالهيون اوهان کي سيکاريان ٿو سي سکي وٺو. آءٌ جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو سو ڪڏهن بہ نہ وسارجو.


جن والدين مان اوهين ڄاوا آهيو، تن جي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کين سندن ٻڍاپي ۾ نہ ڌڪاريو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو.


جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.


هي اهي اهم چوڻيون آهن، جيڪي بادشاهہ لموئيل کي سندس ماءُ چڱيءَ طرح سمجھايون.


مون پنهنجي استادن جو چيو نہ مڃيو. هائو، پنهنجي انهن سکيا ڏيندڙن ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنم.


اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو.


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهين تي پوريءَ طرح توجہ ڏيو، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان سو نہ وسارجو.


سو اسان جي وڏي يهوناداب جن ڳالهين جو اسان کي حڪم ڏنو هو، تن تي عمل ڪندي اسان، اسان جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن ڪڏهن بہ مئي نہ پيتي آهي،


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“


تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


مون کي تنهنجو سچو ايمان ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو ايمان اهو ساڳيو ئي ايمان آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ جو هو.


سو رُوت ڳاهہ واري پِڙ ڏانهن ويئي ۽ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيائين جيئن سسڻس چيو هئس.


جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ