Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ لاءِ تہ اهي پهاڪن ۽ انهن جي ڳجھين معنائن کي ۽ ڏاهن جي چوڻين ۽ انهن جي مثالن کي سمجھي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پهاڪي ۽ اشاري سمجهڻ لاءِ؛ ڏاهن جون ڳالهيون، ۽ انهن جون ڳجهيون چوڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ آءٌ هڪڙي ڏاهپ واري چوڻيءَ تي غور ڪندس، ۽ سُرندو وڄائيندي آءٌ انهيءَ جي حڪمت جو بيان ڪندس.


آءٌ پنهنجيون ڳالهيون مثالن جي صورت ۾ ڪندس، ۽ قديم زماني جا اسرار بيان ڪندس.


ڏاهن جا وڌيڪ قول هي بہ آهن. انصاف ڪرڻ وقت ڪنهن جي بہ طرفداري ڪرڻ نہ گھرجي.


ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.


انهن بادشاهتن جي آخري وقت ۾ جڏهن گنهگار ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ انتها ڪري چڪا هوندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو بدمزاج هوندو ۽ سازشن سٽڻ ۾ ماهر هوندو.


آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“


هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،


هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.


جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پاڪ ڪلام جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ