Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اوهان منهنجي صلاح مشورو نہ مڃيو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي خسيس ڄاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 انهن کي منهنجي نصيحت وٺڻ جي خواهش نہ هئي؛ انهن منهنجي عتاب کي خسيس سمجهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:30
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.


شال تنهنجو هٿ منهنجي مدد لاءِ سدائين تيار رهي! ڇاڪاڻ تہ مون تنهنجي قاعدن کي چونڊي کنيو آهي.


پر اي منهنجي قوم وارؤ! اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هائو، اي بني اسرائيل! اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي.


اٽلندو اوهين منهنجي سڀني مشورن کي خسيس ٿا سمجھو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي ٻڌڻ گوارا ئي نہ ٿا ڪريو.


”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.


جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو.


سو داناءَ شرمندا ڪيا ويندا. اهي نراس ڪيا ويندا ۽ پنهنجي دام ۾ پاڻ ڦاسندا. جيئن تہ هنن مون خداوند جي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ وٽن ڪهڙي دانائي باقي بچي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ