Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ڇاڪاڻ تہ اوهان سمجھہ کي ڌڪاريو ۽ خداوند جو خوف رکڻ کان انڪار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو جن علم کي ڌڪاريو ۽ خدا جي خوف کي پسند نہ ڪيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:29
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.


انهن جي هدايت ۽ تربيت هڪڙي ڏيئي مثل آهي جيڪا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ روشني ڏئي ٿي. سندن نصيحت اوهان کي زندگي گذارڻ جو طريقو ٿي سيکاري.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.


انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين گناهہ جا مزا ماڻڻ بدران هن خدا جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ