Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:28 - Muslim Sindhi Bible

28 تڏهن اوهين مدد لاءِ مون کي پڪاريندا، پر آءٌ اوهان کي ڪو جواب ئي ڪونہ ڏينديس. اوهين هر هنڌ مون کي ڳوليندا وتندا، پر لهي ڪين سگھندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تڏهن هو مون کي پڪاريندا پر آءٌ جواب نہ ڏيندس؛ هو سعيو ڪري مون کي ڳوليندا پر هو مون کي نہ لهندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:28
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“


جڏهن مٿن ڪا مصيبت ايندي، تہ خدا ڪو سندن دانهن ٻڌندو ڇا؟


پر جڏهن اهي ماڻهو دانهون ڪن ٿا، تڏهن خدا ٻُڌي بہ سندن بدڪاريءَ ۽ مغروريءَ سبب کين ورندي نہ ٿو ڏئي.


تڏهن هو مدد لاءِ رڙڻ لڳا پر ڪوبہ سندن ڀرجھلو نہ ٿيو، هنن تو خداوند کي بہ پڪاريو پر تو کين ڪو جواب ڪونہ ڏنو.


مون ڪُٽي ڪُٽي کين دز ڪيو تان‌جو اهي هوا ۾ اُڏامي ويا. هائو، مون گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي کين نابود ڪري ڇڏيو.


جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ ڪابہ بڇڙائي سانڍيل هجي ها، تہ منهنجو رب منهنجي بلڪل ڪين ٻڌي ها.


خداوند بدڪارن کان منهن موڙيو ڇڏي، مگر هو سچارن جون دعائون ٻڌي ٿو.


جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.


مون پنهنجي محبوب لاءِ دروازو کوليو، پر منهنجو محبوب اڳي ئي موٽي هليو ويو هو. سندس هليو وڃڻ جي ڪري منهنجو هانءُ ٻڏڻ لڳو. مون کيس سڏ ڪيا پر هن ڪو جواب نہ ڏنو. مون هن کي ڳوليو پر لهي نہ سگھي مانس.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري، مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.


تڏهن اهي کاري سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ تائين، بلڪ اتر کان ڏکڻ تائين، مون خداوند جي فرمان جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندا وتندا پر کانئن ڪين لڀندو.


سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.


تڏهن مون قادر‌مطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘


پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا. پر خداوند اوهان جي دانهن نہ ٻڌي، نڪي اوهان ڏانهن ڌيان ڏنائين.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


تڏهن اوهين انهيءَ بادشاهہ جي ڪري، جنهن کي اوهان پنهنجي لاءِ چونڊيو هوندو دانهون ڪندا. پر انهيءَ ڏينهن خداوند اوهان جي ڪين ٻڌندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ