چوڻيون 1:23 - Muslim Sindhi Bible23 منهنجي تنبيهہ تي ڌيان ڏيو. ڏسو، آءٌ اوهان کي عقلمنديءَ سان مالا مال ڪري ڇڏينديس ۽ اوهان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجھائينديس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 اوهين منهنجي عتاب تي ڦرو: ڏسو آءٌ پنهنجو روح اوهان تي اوتي وجهندس، آءٌ اوهان کي پنهنجون ڳالهيون سمجهائيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.