Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هنن نصيحتن مان پڙهندڙ ڏاهپ ۽ سٺي صلاح حاصل ڪندا ۽ اونهي معنيٰ واريون ڳالهيون سمجھي سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڏاهپ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ؛ سمجهہ جهڙين ڳالهين معلوم ڪرڻ لاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو خوف ڏاهپ جي سکيا آهي، نماڻائيءَ سان ئي مان مرتبو ملي ٿو.


ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.


جيتوڻيڪ ڏاهپ تہ موجود آهي، تہ بہ بي‌عقل دولتمند اها خريد ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن کي ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.


صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.


سو ڏاهپ سان ئي اوهين ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ کي بلڪ هر چڱي راهہ کي سمجھي سگھندا.


اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جي نصيحتن کي پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو تہ جيئن اوهين سمجھہ حاصل ڪري سگھو.


ڏاهپ کي پنهنجي ڀيڻ جيان سمجھو ۽ سمجھہ کي پنهنجو بهترين دوست ڪري ڄاڻو


منهنجيون هدايتون ڌيان سان ٻڌو، ڏاها ٿيو ۽ انهن جو انڪار نہ ڪريو.


اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بي‌وقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ