Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:19 - Muslim Sindhi Bible

19 هائو، جيڪو مال ملڪيت اهي ڏوهن مان حاصل ڪن ٿا، سا ناجائز ڪمائي ئي سندن برباديءَ جو سبب بڻجي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:19
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن مون انهيءَ زمين جو ڪو فصل ڦري کنيو هجي، يا انهيءَ جي ڪڙميءَ کي مون بک ماريو هجي،


هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو.


ٻڌو، ڏاهپ وڏي واڪي گھٽين ۽ بازارن ۾ پڪاريندي ٿي وتي.


ناجائز نفعي جو لالچي پنهنجي گھر جي برباديءَ جو سبب ٿو بڻجي، مگر رشوت کان نفرت ڪرڻ وارو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.


جيڪو چور سان دوستي ٿو رکي، سو پاڻ پنهنجي جان جو دشمن ٿو بڻجي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو قسم کڻي ڪا شاهدي ٿو ڏئي تڏهن هو سچ نہ ڳالهائي ڪري پاڻ تي ملامت ٿو آڻي.


هڪڙي تمام وڏي خرابي جيڪا مون هن دنيا ۾ ڏٺي آهي، سا اها آهي تہ ماڻهو پنهنجي دولت ڏک سهي ڪري بچائي تہ رکن ٿا،


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو، ۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو، تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


لُٽ جي مال ۾ مون بابل ملڪ جي هڪڙي سهڻي پوشاڪ، اٽڪل ٻہ ڪلوگرام چاندي ۽ تقريباً اڌ ڪلو تور جي هڪ سوني سر ڏٺي. مون کي انهن جي لالچ ٿي، سو مون اهي کڻي ورتيون. هاڻي اهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين اندر پوريل آهن، چاندي سڀني جي هيٺان آهي.“


يشوع چيو تہ ”تو اسان تي هيءَ مصيبت ڇو آندي آهي؟ اڄ خداوند تو تي مصيبت آڻيندو.“ پوءِ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن هن کي ۽ سندس خاندان کي سنگسار ڪيو ۽ بعد ۾ ملڪيت سميت کين ساڙي ڇڏيائون.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ