16 اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.
16 ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.
سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“
اوهين اهڙي پکيءَ وانگر ٿيو، جيڪو پنهنجي آڏو ڄار کي ڦهليل ڏسي اڇلايل داڻن کان پاڻ کي پري ٿو رکي.
بدڪارن جون ڳالهيون ڦندي ۾ ڦاسائڻ مثل آهن، مگر سچارن جون ڳالهيون ڇڏائڻ جو وسيلو ٿيون بڻجن.
اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بيگناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.
مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بيگناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،
بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،
اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بيگناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.
پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“
سائول ارادو ڪيو تہ هو نيزي سان دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏي، پر دائود سندس اڳيان کسڪي نڪري ويو ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو. دائود ڀڄي ويو ۽ بچي نڪتو.