Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 1:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اي منهنجا ٻارؤ! اوهين اهڙي قسم جي ماڻهن سان وڃي شامل نہ ٿجو، بلڪ انهن کان پري رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اي منهنجا پٽ، تون انهن سان گڏ رستي تي نہ هل؛ هنن جي واٽ کان پنهنجو پير پري ڪر؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 1:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


مون پنهنجا قدم هر بُري واٽ کان پري رکيا آهن، تان‌تہ آءٌ تنهنجي فرمان تي هلندو رهان.


سو جيڪڏهن اوهين اسان جي ٽولي ۾ اچي شامل ٿيندا، تہ اسين اوهان کي بہ انهيءَ مال ۾ حصيدار بڻائينداسين.“


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.


زور زبردستي ڪندڙ ماڻهن تي اوهين ريس نہ ڪجو، نڪي انهن جي نقشِ‌قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪجو،


کاٻي يا ساڄي پاسي نہ ڦرو متان ڀٽڪي نہ وڃو. هائو، پنهنجي پيرن کي بڇڙائيءَ واري رستي کان هميشہ جي لاءِ روڪي ڇڏجو.


پرائي عورت کان پري رهو، انهيءَ جي گھر جي دروازي جي بہ ويجھو نہ وڃو.


جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻ‌ڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.


پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي، هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان. هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ