Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هائو ادا، شل مون کي تنهنجي ڪري خداوند ۾ خوشي حاصل ٿئي: مسيح ۾ منهنجي دل کي تازو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو.


ڏسو، جيڪڏهن آءٌ اوهان کي رنج پهچايان تہ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ اوهان جي جن کي منهنجي ڪري رنج پهچي؟


سو اسان کي تسلي ملي آهي. انهيءَ تسليءَ کان علاوہ طيطس کي خوش ڏسي اسان کي پڻ نهايت گھڻي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هن جي دل جي تازگيءَ جو سبب بڻيا.


ڏسو، خدا منهنجو شاهد آهي تہ عيسيٰ مسيح جي الفت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي عزيزؤ! خداوند عيسيٰ ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.


اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي روحاني فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ خدا وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ