Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




فليمون 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 آءٌ اُنيسمس کي تو ڏانھن موٽائي ٿو موڪليان، جنھن سان منھنجي ڏاڍي دل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




فليمون 1:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود ابي‌شيءَ ۽ پنهنجي سڀني عملدارن کي چيو تہ ”ڏسو، منهنجو پنهنجو پٽ جيڪو منهنجو ئي تخم آهي، سو ئي مون کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي، تڏهن پوءِ هي بنياميني انهيءَ کان وڌيڪ ڇا نہ ٿو ڪري سگھي؟ ڇڏي ڏيوس، تہ ڀلي پيو لعنت وجھي، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“


سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


اڳي تہ هو تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي، ٻنهي جي ڪم جو آهي.


حقيقت ۾ مون هن کي پاڻ وٽ رکڻ پئي چاهيو، تہ جيئن جيستائين آءٌ هتي خوشخبريءَ جي خاطر قيد ۾ آهيان، هي تنهنجي پاران منهنجي خدمت ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ