عبدياہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible5 جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن، تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي، يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن. پر اي ادوم جي قوم! تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 جيڪڏهن چور تو وٽ اچن، جيڪڏهن ڌاڙيل رات جو کڻي اچن، (تون ڪهڙو نہ وڍجي ويو آهين!) تہ اُهي ايستائين نہ پيا چورائيندا ڇا جيستائين جيترو کپين اوترو کڻي وڃن؟ جيڪڏهن ڊاک چونڊيندڙ تو وٽ اچن، تہ اُهي ڪي داڻا جيڪر ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.