Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبدياہ 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيڪي اسرائيل ملڪ مان جلاوطن ڪيا ويا هئا، سي لشڪر جي صورت ۾ موٽي اچي اتر طرف صور شهر جي علائقي واري صارپت شهر تائين قبضو ڪندا. جڏهن تہ يروشلم وارا جيڪي ڏورانهين شهر سفاراد تائين جلاوطن ڪيا ويا هئا، سي واپس اچي يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ وارا شهر هٿ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جا قيدي جي ڪنعانين منجهہ آهن، سي صارپت تائين ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ يروشلم جا قيدي جي سفاراد ۾ آهن، سي ڏکڻ جا شهر هٿ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبدياہ 1:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جا ڏکڻ وارا شهر گھيري ۾ اچي ويا آهن، ۽ ڪوبہ اندر اچي يا ٻاهر وڃي نہ ٿو سگھي. سڄي يهوداہ کي قيد ڪيو ٿو وڃي، انهن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو.‘“


انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“


پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آس‌پاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هائو، جابلو علائقي جي شهرن، اولهہ وارين هيٺاهين زمينن، ڏکڻ وارن شهرن ۽ بنيامين جي علائقي ۾ توڙي يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن وٽ ڌنار پنهنجا ڍور پيا ڳڻيندا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


هائو، اي بني اسرائيل جا جبلؤ! آءٌ پنهنجي قوم موٽائي آڻي وري اوهان تي آباد ڪندس. اهي وري اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي پنهنجي ملڪيت بڻائيندا. سچ پچ تہ اوهان جي زمين ”آدمخور“ سڏي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تي منهنجي قوم جا ٻار بک وگھي مري ويا آهن. پر هاڻي اڳتي اوهان جي زمين تي ڪڏهن بہ مصيبت نہ ايندي جو هنن جا ٻار بک وگھي مري وڃن.


تنهن هوندي بہ الياس کي پنهنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انهن مان ڪنهن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارپت شهر ۾ رهندڙ هڪ رن‌زال وٽ ئي موڪليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ