عبدياہ 1:18 - Muslim Sindhi Bible18 تڏهن يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا باهہ جي شعلي مثل هوندا، جيڪي عيسوءَ جي گھراڻي کي بُهہ جيان ساڙي رک ڪري ڇڏيندا. ايتري قدر جو ادوم وارن مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 ۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،