Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبدياہ 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 منهنجي قوم جي مصيبت واري ڏينهن اوهان کي چوواٽي تي بيهي جان بچائي ڀڄڻ وارن ماڻهن کي پڪڙي دشمنن جي حوالي ڪرڻ نہ گھربو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ تون چوسول تي نہ بيهہ، انهي لاءِ تہ هن جي ماڻهن مان جيڪي ڀڄي نڪرن، تن کي قتل ڪرين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبدياہ 1:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اچو تہ بيت‌ايل ڏانهن هلون. اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيندس، جنهن مصيبت جي وقت منهنجي مدد ڪئي هئي ۽ جتي بہ ويس ٿي اتي مون سان گڏ هو.“


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


سو اوهين صلاح ڏيو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي. اوهين انهيءَ وڻ وانگر اسان کي پناهہ ڏيو، جيڪو ٽاڪ منجھند جو بہ ٿڌي ڇانوَ ڏئي ٿو. اسان جلاوطنن کي پنهنجي پناهہ ۾ لڪايو، ۽ اسان کي دشمنن جي هٿ ۾ نہ ڏيو.


اسان موآب کان جلاوطن ڪيلن کي پنهنجي علائقي ۾ رهڻ ڏيو، ۽ اسان کي برباد ڪندڙن کان پناهہ ڏيو.“ اي موآب وارؤ! جڏهن اوهان تي ظلم ڪندڙ ناس ڪيا ويندا، ۽ تباهي وَ بربادي بند ٿي ويندي، هائو، جڏهن سڀني ظالمن کي اوهان جي ملڪ مان ناس ڪيو ويندو،


هنن وڃي يسعياہ کي حزقياہ جو هي پيغام ڏيئي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ مصيبت، ملامت ۽ خواريءَ ڀريو ڏينهن آهي. اسان انهيءَ عورت مثل آهيون جيڪا ٻار ڄڻڻ واري آهي، پر ڪمزوريءَ سبب ڄڻي نہ ٿي سگھي.


آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“


فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھربو هو جو اوهان انهيءَ ڏينهن پنهنجي بني اسرائيل وارن ڀائرن کي مصيبت ۾ ڏسي بيٺي کڳيون هيون. انهن جي تباهيءَ واري ڏينهن تي اوهان کي خوش ٿي ائين کڳيون هڻڻ نہ کپندو هو.


تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ