Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبدياہ 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھربو هو جو اوهان انهيءَ ڏينهن پنهنجي بني اسرائيل وارن ڀائرن کي مصيبت ۾ ڏسي بيٺي کڳيون هيون. انهن جي تباهيءَ واري ڏينهن تي اوهان کي خوش ٿي ائين کڳيون هڻڻ نہ کپندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر تون پنهنجي ڀاءُ جي مصيبت جي ڏينهن نہ بيهي نهار، ۽ يهوداہ جي اولاد تي سندن تباهي جي ڏينهن خوشي نہ ڪر؛ نڪي مصيبت جي ڏينهن فخر جون ڳالهيون ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبدياہ 1:12
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوڀر کان اولهہ تائين جيڪي بہ سندن سزا بابت ٻڌندا، تہ خوف وچان کين دهشت ۽ ڏڪڻي وٺي ويندي.


ڇا آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيو آهيان؟ يا جڏهن مٿس ڪا آفت آئي تہ ڇا مون کي ڪا خوشي ٿي؟


هاڻ تہ منهنجيون سڀ هڏيون ڏسجڻ ۾ ٿيون اچن. دشمن مون کي چتائي ۽ گھُوري ڏسن ٿا.


انهن سڀني ڪوڙن جا وات بند ڪري ڇڏ، جيڪي سچارن خلاف غرور ۽ نفرت وچان گستاخيءَ سان ڳالهائين ٿا.


پر جڏهن مون کي ٿاٻو آيو تڏهن هو خوش ٿي اچي گڏيا. اهي ظالم ماڻهو ميڙ ڪري اچي مون تي ڪڙڪيا، ۽ جڏهن انهن منهنجو ماس پئي پٽيو، تڏهن اهي مون کي سڃاڻڻ ۾ ئي نہ پئي آيا.


پر ڌڻي انهن بدڪار ماڻهن تي کلي ٿو، ڇوجو هو ڄاڻي ٿو تہ سندن وقت اچي پورو ٿيو آهي.


بيشڪ تو مون کي هر تڪليف کان ڇڏايو آهي، ۽ منهنجي اکين مون کي پنهنجي دشمنن تي سوڀارو ڏٺو آهي.


منهنجو خدا پنهنجي ٻاجھہ سان منهنجي سنڀال ڪندو. هو منهنجي دشمنن تي مون کي سوڀارو ڪري ڏيکاريندو.


منهنجي اکين منهنجي دشمنن جو حشر ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ڪنن انهن مخالف بدڪارن جو روڄ راڙو ٻڌو آهي.


جيڪي غريبن تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، سي ڄڻ تہ سندن خالق جي بي‌حرمتي ٿا ڪن، ۽ ٻئي جي مصيبت تي خوش ٿيڻ وارا سزا کان بچي نہ ٿا سگھن.


تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.


تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“


ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.


پوءِ اوهين بہ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. بني اسرائيل جي ملڪ جي جابلو علائقن بابت اوهان جيڪا بڪواس ڪئي آهي تہ ”هاڻي اهو ملڪ اهڙيءَ حالت ۾ آهي جو اسين ان کي آسانيءَ سان ڳهي سگھون ٿا.“ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ٻڌو آهي.


اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘


اي يروشلم جي وسندي! گھڻين ئي قومن وارن اچي تنهنجو گھيرو ڪيو آهي. اهي چون ٿا تہ ”اسين يروشلم جي عزت لٽينداسين، ۽ اسان جون اکيون انهيءَ کي خوار خراب ٿيندي ڏسنديون.“


جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


ساڳيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو تہ هڪ ننڍڙي چڻنگ مان ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باهہ لڳي ٿي وڃي.


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


انهيءَ حيوان کي ڪفر بڪڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو.


اي انسانؤ! اوهين مغروريءَ مان ايترو گھڻو نہ ڳالهايو، اوهين پنهنجي زبان مان تڪبر واري ڳالهہ نہ ڪڍو. جيئن تہ خداوند خدا هر ڳالهہ ڄاڻي ٿو، سو هو ئي آهي جيڪو سڀني جي عملن کي توريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ