Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبدياہ 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا، ۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري پاڻ ۾ ٿي ورهايائون، تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو. سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 جنهن ڏينهن ڌاريا ماڻهو هن جو مال متاع کڻي ويا، انهيءَ ڏينهن تون علحدو ٿي بيٺين؛ ۽ جنهن ڏينهن ٻين ملڪن جا ماڻهو هن جي درن اندر گهڙي آيا، ۽ يروشلم تي ڪُڻا وجهڻ لڳا، انهي ڏينهن تون بہ هنن جهڙو هئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبدياہ 1:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“


اوهين جڏهن ڪو چور ٿا ڏسو تہ انهيءَ جا ساٿي بڻجي ٿا وڃو، ۽ زنا ڪندڙن جا اوهين حامي ٿا بڻجي وڃو.


اي خدا! انهن پاڻ ۾ يڪمشت ٿي سازش ڪئي آهي، هائو، انهن پاڻ ۾ گڏجي تنهنجي خلاف عهد ڪيو آهي.


انهن ۾ ادوم ملڪ جا رهندڙ ۽ بني اسماعيل شامل آهن، ان کان علاوہ موآبي ۽ هاجر قبيلي وارا پڻ.


اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن.


هنن منهنجي قوم جي قيدين کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ڪڻا وڌا آهن. هنن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪڃريون گھرائڻ ۽ شراب خوريءَ جي عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي.


فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.


اهو سڀ ڪجھہ سندن مغروريءَ جي ڪري ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن قادر‌مطلق خداوند جي قوم جي بي‌عزتي ڪئي، ۽ ساڻن مغروريءَ سان هليا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ