Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبدياہ 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند خدا ادوم جي قوم بابت عبدياہ نبيءَ جي معرفت هي پيغام ڏنو. قومن ڏانهن جيڪو ايلچي موڪليو ويو، تنهن جو اعلان خداوند جي طرفان هو. اهو اعلان اسان يهوداہ وارن بہ ٻڌو تہ ”اُٿي کڙا ٿيو ۽ ادوم وارن تي حملو ڪريو!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبدياہ 1:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي ادوم نالو پئجي ويو.


انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.


انهيءَ جابلو علائقي جي رهاڪو ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو اولاد هي آهي.


اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“


هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“


مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“


جيتوڻيڪ سندن ايلچي اڳ ۾ ئي مصر جي شهرن ضُعن ۽ حنيس ۾ پهچي چڪا آهن،


سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو.


ادوم ۽ موآب ملڪن جا ماڻهو، بني عمون،


هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو، يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو. پر اوهين همت نہ هاريو، نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.


مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“


هائو، آءٌ خداوند انهن باقي بچيلن جون رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيندس ۽ کين جلاوطنيءَ مان موٽائي آڻيندس. اهي قيد جا دروازا ڀڃي نڪري آزاد ٿيندا. بلڪ آءٌ خداوند ئي کين ٻاهر ڪڍي ايندس، ۽ سندن بادشاهہ هوندس.“


اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي.


جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ