Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 9:23 - Muslim Sindhi Bible

23 مطلب تہ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا ۽ خداوند جي ئي حڪم تي هو منزل کڻي روانا ٿيندا هئا. خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي معرفت کين ملندو هو سو هو مڃيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي هٿان مليو هو، تنهن موجب هو، خداوند جي خدمت ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 9:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جو سبب هي آهي جو ابراهيم منهنجي فرمانبرداري ڪئي هئي ۽ منهنجي هدايتن ۽ سڀني حڪمن تي عمل ڪيو هئائين.“


هو انهن کي سڌيءَ راهہ سان وٺي آيو، ۽ آڻي کين شهر ۾ پهچايائين.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو، جهڙو سرسبز ماٿريءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي.“


اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي.


”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


هو موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب پهريون ڀيرو هن طرح منزل کڻي هليا:


جڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان گھڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب ويٺا رهندا هئا ۽ اڳتي منزل کڻي ڪين هلندا هئا.


هيترن ڏينهن ۾ اوهان اڄ تائين پنهنجن بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن کي هڪ دفعو بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر خداوند پنهنجي خدا جا سونپيل ڪم پئي پورا ڪيا اٿوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ