Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 8:4 - Muslim Sindhi Bible

4 شمعدان جي بناوت هن طرح هئي جو اهو تري کان وٺي گلن وارين ڏياٽين تائين سڄو سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيو ويو هو. جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو ئي هن شمعدان ٺاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ شمعدان جي بناوٽ هن طرح هئي: اهو گهڙيل سون مان ٺهيل هو؛ تري کان گلن تائين سڄو گهڙيل هو: جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو هن شمعدان جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 8:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي سون کي گھڙي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرائج.


انهيءَ خيمي ۽ ان جي ٻئي سامان جو جيڪو نمونو آءٌ تو کي ڏيکاريندس تنهن موجب اهي ٺاهجو.“


خيمي کي تون انهيءَ نموني موجب کڙو ڪرائي بيهارج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو هو.


هن سون کي گھڙي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺاهيا.


سو هارون ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو. هن ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رکيو جيئن اهي شمعدان جي سامهون روشني ڪن.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


تنهنڪري اهو ضروري هو تہ زمين تي مقدس خيمو ۽ ان جي عبادت واريون شيون جيڪي آسماني شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي قربانيءَ وسيلي پاڪ ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آسماني شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر قربانيءَ جي وسيلي پاڪ ڪيون وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ