Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 7:86 - Muslim Sindhi Bible

86 ٻارهن سونا لوبان‌دان هر هڪ جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ سؤ گرام هئي. انهن سڀني جي تور جملي هڪ ڪلوگرام ۽ ٻہ سؤ گرام هئي ۽ اهي لوبان سان ڀريل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

86 ٻارهن سونا چمچا لوبان سان ڀريل هئا، ۽ هرهڪ چمچي جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا ڏهہ مشقال هئي، سڀني چمچن جو سون هڪ سؤ ويهہ مشقال هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 7:86
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.


تون ميز تي رکڻ لاءِ ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ ٺهرائج. اهي سڀ نج سون جا ٺهرائج.


هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ هر هڪ جي تور هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام، ٻارهن چانديءَ جا پيالا هر هڪ جي تور ست سؤ گرام. انهن سڀني جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق جملي چوويهہ ڪلوگرام هئي.


ٻارهن وهڙا، ٻارهن گھٽا ۽ ٻارهن هڪسالا گھيٽا، اناج جي قربانيءَ سميت ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هئا. ٻارهن ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هئا.


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ