23 پوءِ ڪاهن اهي لعنتون لکي انهن کي آزمائڻ واري پاڻيءَ ۾ ڌوئي.
23 پوءِ ڪاهن اهي لعنتون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي، انهي کي هن ڪؤڙي پاڻيءَ ۾ ڌوئي.
خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’ياد رکو، آءٌ يروشلم شهر تي ۽ هتي جي رهاڪن تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان. هن ڪتاب ۾ لکيل اهي سڀ لعنتون ملامتون جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيون ويون آهن سي سڀ آڻيندس.
”ڇا منهنجو فرياد ٻڌڻ وارو ڪو ئي بہ ڪونهي؟ ڏسو، آءٌ پنهنجي بيان تي صحيح ڪري اهو ٿو ڏيکاريان تہ مون جيڪي ڪجھہ چيو سو سڀ سچ آهي. ڪاش! قادرِمطلق مون کي ورندي ڏئي ها. ڪاش! منهنجي انهيءَ مخالف جون مون تي لڳايل تهمتون لکت ۾ مون وٽ هجن ها،
اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.
هاڻي تون منهنجي گناهن کي درگذر ڪر، ۽ منهنجيون سڀيئي بديون ميٽي ڇڏ.
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ فتح جو احوال لکي ڇڏ ۽ يشوع کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ عماليقين جو نالو نشان هن دنيا مان مِٽائي ڇڏيندس.“
پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.
مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہتائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.
شل هي پاڻي جيڪو لعنت ٿو آڻي تنهنجي پيٽ ۾ وڃي تو کي اوٽينپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي.‘ تڏهن عورت جواب ۾ چوي تہ ’آمين، آمين.‘
انهيءَ کان اڳ ۾ جو هو اهو پاڻي عورت کي پيئاري ۽ اهو ان جي پيٽ ۾ وڃي سخت تڪليف پيدا ڪري،
تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ خدا ڏانهن اچو تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن،
تنهنڪري هاڻي جيڪو گيت آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سو تون لکي ڇڏ. اهو تون سڄي بني اسرائيل قوم کي سيکارج ۽ کانئن ڳائرائج، تہ ڀلي اهو گيت سندن خلاف منهنجو شاهد هجي.
مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا ڪتاب بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.