Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ جي مٿان هو آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهيءَ کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪين، بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هو سوني قربانگاهہ جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهي کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 4:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي وارو پردو،


عهد واري صندوق جي اڳيان پردي جي ٻئي پاسي مقدس جاءِ ۾ تون لوبان ساڙڻ لاءِ سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ رکائج ۽ مقدس جاءِ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.


هو شمعدان کي انهيءَ جي سڀني ٿانون سميت ڊالفن دريائي جانور جي پوش ۾ ويڙهي ڏوليءَ ۾ رکن.


سڀيئي ٿانوَ، جيڪي مقدس جاءِ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪم ٿا اچن سي سڀ کڻي هو هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهين. پوءِ ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي اهي بہ ڏوليءَ ۾ رکن.


پوءِ هو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش انهيءَ تي وجھن، انهيءَ جي مٿان خالص آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ