Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:33 - Muslim Sindhi Bible

33 اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو: ڇالاءِ جو رت ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري: ڇو تہ جنهن ملڪ ۾ رت وهائجي ٿو، تنهن جو ڪفارو خونيءَ جي رت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:33
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي خداوند چيس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان بدلي وٺڻ لاءِ پيو پڪاري.


جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.


ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


تنهن تي بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو تہ ”جيئن هن چيو آهي تيئن ئي ڪر. تون کيس ماري کڻي وڃي دفن ڪرينس. اهڙيءَ طرح جيڪو ناحقي رت يوآب وهايو هو، تنهن جو گناهہ مون تان ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي تان لاهي ڇڏ.


تنهن هوندي بہ خداوند جي وڏي ڪاوڙ جو جوش اڃا جھڪو نہ ٿيو، جيڪا يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇاڪاڻ تہ منسي بادشاهہ پنهنجي گھڻن ئي بڇڙن ڪمن سان هن کي ڏاڍو ڪاوڙايو هو.


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


سو هنن ان کي پڪڙي ورتو ۽ محل ڏانهن گهلي کڻي ويس جتي گھوڙي واري دروازي وٽ هنن کيس قتل ڪري ڇڏيو.


پوءِ هنن هيئن بہ ڪيو جو وڃي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ بي‌جان بتن جون قربانيون کائڻ لڳا.


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بي‌جان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“


رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بي‌گناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“


اها زمين بہ پليت ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آءٌ خداوند انهيءَ کي سندس بدڪاريءَ جي اهڙي سزا ڏيندس جو اها پنهنجي رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.


اي يروشلم جي وسندي! گھڻين ئي قومن وارن اچي تنهنجو گھيرو ڪيو آهي. اهي چون ٿا تہ ”اسين يروشلم جي عزت لٽينداسين، ۽ اسان جون اکيون انهيءَ کي خوار خراب ٿيندي ڏسنديون.“


جيڪڏهن ڪو قاتل پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تہ انهيءَ کان سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس جان جي عيوضي جا پئسا وٺي کيس گھر موٽي وڃڻ نہ ڏجو.


اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، بلڪ اهڙيءَ طرح بي‌گناهہ جو خون بني اسرائيل تان ٽاري ڇڏيندا تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.“


تہ انهيءَ جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي. پر اوهين انهيءَ کي ساڳئي ئي ڏينهن دفن ڪري ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي سو خداوند جي طرفان لعنتي آهي. سو ائين نہ ٿئي جو جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن کي اوهين ناپاڪ ڪريو.“


خدا ائين انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن جِدعون جي ستر پٽن جي خون جو بدلو سندن ڀاءُ ابيملڪ کان ورتو وڃي، جنهن هنن کي مارايو هو ۽ سڪم جي ماڻهن کان بہ بدلو ورتو وڃي جن سندس ڀائرن جي مارڻ ۾ ابيملڪ جي مدد ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ