Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جيڪڏهن ڪو قاتل پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تہ انهيءَ کان سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس جان جي عيوضي جا پئسا وٺي کيس گھر موٽي وڃڻ نہ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ جيڪو پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تنهن کي سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس عيوضي جا پئسا وٺي، سندس زمين ۾ موٽڻ جي موڪل نہ ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:32
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جِبعونين وراڻيو تہ ”اسان ۽ سائول يا سندس گھراڻي جي وچ ۾ ڪو سون يا چانديءَ جي عيوض تڪرار نہ نبرندو، نڪي وري اسان کي بني اسرائيل مان ڪنهن کي مارڻ جو حق حاصل آهي.“ تڏهن دائود کين چيو تہ ”پوءِ اوهين ٻڌايو تہ آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟“


انهيءَ قاتل کي ضرور ماريو وڃي، جيڪو واجب‌القتل هجي. اوهين کانئس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي کيس ڇڏي نہ ڏجو.


اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.


ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


مطلب تہ آءٌ خدا جي فضل کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن شريعت جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.


پر پاڪ ڪلام ظاهر ڪري ٿو تہ سڄي دنيا گناهہ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو خدا جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ