Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:25 - Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ خونيءَ کي مقتول جي وير وٺڻ واري عزيز جي چنبي کان ڇڏايو وڃي ۽ کيس انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ موٽائي موڪليو وڃي جتي هو خون ڪري پناهہ لاءِ ڀڄي ويو هو. پوءِ جيستائين انهن ڏينهن ۾ مخصوص ٿيل سردار ڪاهن فوت نہ ٿي وڃي تيستائين هو اتي ئي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ جماعت انهي خونيءَ کي انهي خون جي وير وٺڻ واري جي چنبي مان ڇڏائي، ۽ جماعت ئي هن کي سندس پناهہ جي شهر ۾ موڪلي ڏئي، جتي هو ڀڄي ويو هجي: ۽ پاڪ تيل سان مسح ڪيل سردار ڪاهن جي موت تائين، هو اتي ئي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


پوءِ مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي، سندس مٿي ۾ وجھي کيس مخصوص ڪج.


جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل پئٽي پاڪ پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجيس، سو ڪنهن جي مرڻ تي پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي


جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بي‌عيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.


هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجھہ هارون جي مٿي تي پئٽيو ۽ کيس مسح ڪيائين تہ جيئن هو مخصوص ٿئي.


قوم انهيءَ ڌڪ هڻندڙ ۽ مقتول جي ڪنهن وير وٺڻ واري عزيز جي وچ ۾ هن طرح فيصلو ڪري.


پر جيڪڏهن اهو خوني جنهن پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي ويو هجي، تنهن جي حد کان ڪنهن بہ وقت ٻاهر نڪري


خونيءَ کي گھرجي تہ هو سردار ڪاهن جي مرڻ تائين انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ رهي، انهيءَ کان پوءِ ڀلي پنهنجي گھر موٽي وڃي.


پوءِ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهي جيستائين هن جي کُلي عدالت نہ ٿئي ۽ هو بي‌ڏوهي ثابت نہ ٿئي. تنهن بعد هو انهيءَ شهر ۾ ئي رهي، جيستائين انهيءَ وقت وارو سردار ڪاهن نہ مري. ان کان پوءِ هو ڀلي پنهنجي گھر انهيءَ شهر ڏانهن موٽي وڃي جتان هو ڀڄي نڪتو هو.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ