Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:21 - Muslim Sindhi Bible

21 يا دشمنيءَ وچان کيس اهڙي مُڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ مُڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 يا دشمنيءَ جي ڪري هٿ سان ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ تہ ڌڪ هڻڻ وارو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ هو خوني آهي: ۽ خون جي وير جي وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي جڏهن اهو گڏجيس، تڏهن ماري وجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي پنهنجي حضوريءَ ۽ ملڪ مان ڪڍين ٿو پيو. آءٌ زمين تي رلندو ۽ ڌڪا کائيندو وتندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو سو ماري وجھندم.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ وٺندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو.


تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“


آءٌ تو تي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس، جهڙي ڪنهن زناڪار ۽ خون وهائيندڙ عورت تي جاري ڪئي ويندي آهي. آءٌ پنهنجي غصي ۽ غيرت سببان تو کي موت جي سزا ڏيندس.


مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي نفرت وچان ڌڪو ڏئي يا لڪي وجھہ وٺي ڪا شيءِ مٿس اڇلائي وجھي ۽ هو مري پوي


پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي دشمنيءَ کان سواءِ اتفاقاً ڌڪو ڏئي يا غير ارادي طور ڪا شيءِ مٿس اڇلائي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ