Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اوهان کي جيڪو ورثو ملي تنهن مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏجو ۽ شهرن جي آس‌پاس وارا چراگاهہ پڻ کين ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ پنهنجيءَ موروثي ملڪيت مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏين؛ ۽ انهن شهرن جي پسگردائي بہ اوهين لاوين کي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هم‌وطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.


لاوين پنهنجا چراگاهہ ۽ ملڪيتون بہ ڇڏي ڏنيون ۽ يروشلم شهر ۽ يهوداہ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اچي آباد ٿيا، ڇاڪاڻ تہ يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪهانت واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو.


مختلف شهرن ۽ انهن جي پسگرداين ۾ هارون جي اولاد مان ڪجھہ ڪاهنن جا ڪٽنب رهندا هئا، تن لاءِ ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جيڪي انهن ڪاهنن جي مردن کي سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا. اهي مقرر ڪيل ماڻهو انهن لاوين کي جيڪي اتي رهندا هئا ۽ جن جا نالا نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، تن سڀني کي بہ سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا.


مون کي اها بہ خبر پيئي تہ لاوين کي سندن حصا ڪونہ ٿي ڏنا ويا. تنهنڪري هيڪل ۾ خدمت لاءِ مقرر لاوي ۽ ڳائڻا پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن موٽي هليا ويا هئا.


خداوند فرمايو تہ ”ملڪ جو وچ وارو حصو جيڪو يهوداہ واري علائقي جي ڏکڻ طرف هوندو، تنهن کي اوهين وقف ڪري ڇڏجو. انهيءَ جي ويڪر اتر کان ڏکڻ تائين ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر هوندي ۽ ڊيگھہ ملڪ جي اوڀر کان اولهہ تائين ايتري ماپ جي هوندي جيتري قبيلن کي ورهايل حصي جي هوندي. هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي.


اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون خداوند بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي حڪم ڏنو تہ


اهي شهر انهن جي رهڻ لاءِ هوندا ۽ چراگاهہ سندن چوپائي مال ۽ ٻين پالتو جانورن لاءِ هوندا.


سڄي ملڪ منجھان اوهان جي ڪنهن بہ شهر ۾ رهندڙ ڪو لاوي جيڪڏهن پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان انهيءَ جاءِ تي اچي، جيڪا خداوند چونڊيندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ