Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ڌارئي جي لاءِ ۽ مسافر جي لاءِ پناهہ‌گاهہ هوندا، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ پرديسيءَ جي لاءِ، ۽ جيڪو ڌاريو اوهان منجهہ اچي رهي، انهي جي لاءِ پناهہ جا شهر ٿيندا: انهي لاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي اتي وڃي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:15
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“


اوهان بني اسرائيل توڙي ڌارين سڀني سان هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


اوهان جي لاءِ ۽ انهن ڌارين جي لاءِ ساڳيا ئي قاعدا قانون آهن.‘“


تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي پناهہ جا شهر چونڊجو، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اُهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.


هاڻ ڇا خدا رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ