Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 35:12 - Muslim Sindhi Bible

12-13 اهي شهر اوهان جي لاءِ وير وٺڻ واري کان پناهہ‌گاهہ هوندا. اهو انهيءَ لاءِ تہ خوني جيستائين قوم جي اڳيان فيصلي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيستائين اُهو ماريو نہ وڃي. اوهين ڇهہ پناهہ جا شهر ڏجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 35:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سڄو گھراڻو اوهان جي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو آهي. اهي چون ٿا تہ ’جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، سو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين سندس ڀاءُ جي خون جي عيوض ۾ کيس قتل ڪريون.‘ اهڙيءَ طرح اهي وارث کي بہ ماري ختم ڪري ڇڏيندا. پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو باقي بچيو آهي سو بہ اجھائي ڇڏيندا ۽ ڌرتيءَ تان منهنجي مڙس جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيندا.“


مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.


جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.


ائين نہ ٿئي تہ رڳو هڪڙو ئي شهر هجي. پوءِ خون جو بدلو وٺڻ وارو پنهنجي دل جي جوش کان خونيءَ جي پٺيان پوي ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري وڃي رستي ۾ پڪڙي کيس ڌڪ هڻي ماري وجھي، جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇوجو اڳي سندن پاڻ ۾ ڪابہ دشمني ڪانہ هئي.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جن پناهہ جي شهرن بابت مون موسيٰ جي معرفت اوهان کي چيو هو سي مقرر ڪريو.


هي آهن اُهي پناهہ جا شهر، جيڪي بني اسرائيل ۽ منجھن رهندڙ ڌارين لاءِ مقرر ڪيا ويا. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اتفاق سان ماري وجھي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي ۽ تيستائين کيس نہ ماريو وڃي، جيستائين سندس کُلي عدالت نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ