Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 33:56 - Muslim Sindhi Bible

56 سو جيڪڏهن اوهان انهن کي ڀڄائي نہ ڪڍيو تہ پوءِ آءٌ اوهان سان اهو ڪجھہ ڪندس جيڪي مون هنن سان ڪرڻ ٿي گھريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

56 ۽ نيٺ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون انهن سان ڪرڻ گهريو، تيئن آءٌ اوهان سان ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 33:56
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ ئي طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قومن کي ڪڍي ڇڏيائين.


جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڪڍان تن جي ريتن رسمن تي اوهين نہ هلجو، ڇاڪاڻ تہ انهن اهي سڀيئي ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان ڪراهت ڪئي.


پر جيڪڏهن اوهين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي ڀڄائي نہ ڪڍندا تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر ۽ اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊن وانگر چڀندا ۽ اهي انهيءَ ملڪ ۾ اوهان کي ستائيندا جتي اوهين رهندا.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


خداوند سخت غصي ۽ قهر ۾ ڀرجي سندن ئي ملڪ مان هنن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ کين ڌارئي ملڪ ۾ اڇلايائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ