Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 33:55 - Muslim Sindhi Bible

55 پر جيڪڏهن اوهين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي ڀڄائي نہ ڪڍندا تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر ۽ اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊن وانگر چڀندا ۽ اهي انهيءَ ملڪ ۾ اوهان کي ستائيندا جتي اوهين رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

55 پر جيڪڏهن اوهين ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندا؛ تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا، سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر، ۽ اوهانجن پاسن ۾ ڪنڊن وانگر ٿيندا، ۽ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا، تنهن ۾ اهي اوهان کي ستائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 33:55
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نہ ڏيو. متان هو اوهان کان منهنجي خلاف گناهہ ڪرائين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا ڪندا تہ اهو اوهان جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.“


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آس‌پاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“


سو جيڪڏهن اوهان انهن کي ڀڄائي نہ ڪڍيو تہ پوءِ آءٌ اوهان سان اهو ڪجھہ ڪندس جيڪي مون هنن سان ڪرڻ ٿي گھريو.“


انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين.


اهي اوهان جي اولاد کي خداوند کان ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ هو غير معبودن جي پوڄا ڪن. تڏهن خداوند جو غضب اوهان تي اچي ڪڙڪندو ۽ هو هڪدم اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.


جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ هنن کي اوهان جي ملڪ مان هڪالي نہ ڪڍندس، بلڪ اهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ ڦندو ٿيندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ